March 20, 2026 6:06 AM

سنڌ جي تعليمي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو قدم، فيشل ريڪگنيشن ذريعي حاضري سسٽم متعارف

سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيو آهي، جنهن تحت استادن ۽ عملي جي حاضري هاڻي موبائل ايپليڪيشن ذريعي فيشل ريڪگنيشن ۽ جيو فينسنگ سان يقيني بڻائي ويندي۔

تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي استادن ۽ عملي جي حاضري چهري جي سڃاڻپ ذريعي وٺڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويا آهن۔ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ان نظام جي نفاذ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي۔

تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي رجسٽريشن FRAMES سسٽم تحت ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪميٽي ۾ ڊيٽا اينالسٽ، HRMIS ۽ ضلعي ۽ تعلقي آفيسر شامل ڪيا ويا آهن۔ ايپليڪيشن ڊولپر جو نمائندو به ٽيڪنيڪل سهڪار فراهم ڪندو۔

رجسٽريشن دوران ملازمن جي تصديق لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪميٽي کي فيلڊ ۾ نگراني ۽ ٽيڪنيڪل مانيٽرنگ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن۔ سڀني استادن جي بايوميٽرڪ ڊيٽا ۽ پروفائلز کي اسڪولن سان ڳنڍيو ويو آهي۔

موبائل ايپ کي جيو فينسنگ ذريعي اسڪولن سان ڳنڍيو ويو آهي ۽ حاضري کي روزاني بنيادن تي ريئل ٽائيم ڊيش بورڊ تي پڻ مانيٽر ڪيو ويندو۔

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته جديد نظام ذريعي تعليمي نظم و ضبط کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، جڏهن ته شفاف حاضري ۽ اثرائتي نگراني سان تدريسي عمل ۾ بهتري ايندي۔

ذريعن موجب حاضري سسٽم لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موبائل ايپليڪيشن جو باضابطه لانچ عيد کان پوءِ ڪيو ويندو۔