March 17, 2026 9:37 PM

پيءُ جي جنازي نماز دوران پٽ قتل، جوابدار فرار

راولپنڊي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سول لائنز پوليس اسٽيشن جي ڍوڪ چراغ الدين علائقي ۾ جهيڙي دوران هڪ نوجوان کي چاقو هڻي قتل ڪيو ويو۔

پوليس موجب واقعو مقتول جي پيءُ جي جنازي نماز دوران جهيڙي ۾ پٽ کي نشانو بڻايو ويو ۽ جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو۔

زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو رستي ۾ ئي دم ڏئي ويو۔

پوليس موجب جوابدار جي ڳولا جاري آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي۔