ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آسٽريليا جي ڪرڪيٽر مارنس لابوشين کي پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 لاءِ حيدرآباد هوسٽن ڪنگسمين جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي۔
فرنچائز پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي مقرري جو اعلان ڪيو، جتي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ خانگي جهاز ذريعي شهر مٿان اهو اعلان ڪيو ويو۔
ياد رهي ته مارنس لابوشين پي ايس ايل ڊرافٽ کان اڳ سڌي دستخطن ذريعي ٽيم ۾ شامل ٿيو، جڏهن ته معاهدي جي رقم ظاهر نه ڪئي وئي۔
پي ايس ايل سيزن 11، 26 مارچ کان 3 مئي تائين کيڏيو ويندو، جڏهن ته حيدرآباد هوسٽن ڪنگسمين پنهنجي مهم جو آغاز لاهور قلندرز خلاف 26 مارچ تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪندو۔
