واشنگٽن:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آمريڪا ۽ اسرائيل تي الزام لڳايو پيو وڃي ته اهي ايران خلاف جاري ڇڪتاڻ کي مذهبي رنگ ڏئي پيش ڪري رهيا آهن، جنهن سبب عالمي ميڊيا ۽ ماهرن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي۔
رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايوينجيڪل عيسائي حلقن جي خاص دعائي اجتماعن ۾ شرڪت جاري رکي ٿو، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل جون فوجي ڪارروايون “مسيح جي واپسي” لاءِ رستو هموار ڪري رهيون آهن۔
ذريعن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف ڪارروائين کي مذهبي ۽ بائيبل جي تناظر ۾ پيش ڪرڻ سبب عالمي سطح تي بحث شروع ٿي ويو آهي۔
ان کان اڳ آمريڪي فوج بابت دعوائون به سامهون آيون هيون ته صدر ٽرمپ کي روحاني طور چونڊيل قرار ڏنو پيو وڃي ۽ سپاهين کي مذهبي رسمن ۽ دعائن ذريعي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي۔
ماهرن جو چوڻ آهي ته جڏهن جنگ کي مقدس يا مذهبي لفظن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي ته پوءِ سياسي سمجهوتي جا امڪان وڌيڪ ڏکيا ٿي ويندا آهن۔
