March 20, 2026 1:09 PM

سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره مائي فاطمه لاڏاڻو ڪري وئي

ٿرپارڪر:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره مائي فاطمه 71 ورهين جي عمر ۾ ٿرپارڪر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي۔

مشهور لوڪ فنڪاره مائي فاطمه پنهنجي زندگي ۾ 71 بهار ڏٺيون۔

خاندان موجب مائي فاطمه ڪافي عرصي کان جگر ۽ گردن جي بيماري ۾ مبتلا هئي۔

مائي فاطمه پنهنجي فن جو مظاهرو سنڌي، مارواڙي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ڪيو، سندس ڳايل گيت ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول رهيا۔