March 11, 2026 9:03 PM

اسپين حڪومت جو اسرائيل مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو اعلان

ميڊرڊ:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) اسپين جي حڪومت اسرائيل مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي تصديق اربع تي جاري ڪيل سرڪاري گزيٽ ۾ ڪئي وئي۔

پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي پرڏيهي وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته تل ابيب ۾ اسپيني سفارتخانو هاڻي عارضي طور چارج ڊي افيئر جي سربراهي ۾ هلندو۔

واضح رهي ته اسپين 1986ع ۾ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا هئا، پر ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گهڻو وقت کان ڇڪتاڻ جو شڪار رهيا آهن۔ اسپين غزه جنگ سميت ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي جي به سخت مخالفت ڪئي آهي۔

اسپين جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا معمول موجب جاري آهن، باوجود ان جي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ جي مخالفت تي واپاري پابندين جون ڌمڪيون ڏنيون آهن۔

ٻئي طرف وزيراعظم پيڊرو سانچيز جي حڪومت گذريل هفتي ايران خلاف جنگ کي غير قانوني قرار ڏيندي ڏکڻ اسپين ۾ موجود گڏيل فوجي اڏن کي ايران خلاف ڪارروائي لاءِ استعمال ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي۔