March 11, 2026 9:25 PM

ايل پي جي مهانگي ٿيڻ جون افواهون بي بنياد

اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ واڌ بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي۔

اوگرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايل پي جي جي قيمتن بابت ڪو به نئون نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو۔

اداري موجب ايل پي جي جون قيمتون هر مهيني جي پهرين تاريخ کان لاڳو ٿينديون آهن، تنهن ڪري قيمتن ۾ واڌ بابت هلندڙ دعوائون يا افواهون بي بنياد آهن۔

اوگرا صارفين کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايل پي جي مقرر ڪيل قيمتن تي خريد ڪن ۽ جيڪڏهن ڪنهن هنڌ وڌيڪ قيمت وصول ڪئي وڃي ته فوري طور مقامي انتظاميه کي آگاهه ڪن۔

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اوگرا ايل پي جي جي قيمتن ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي۔