مناما:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) بحرين جي گهرو وزارت اعلان ڪيو آهي ته سائبر ڪرائم جي خاتمي واري ڊائريڪٽوريٽ ايراني حملن سان لاڳاپيل وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ جي الزام ۾ ڇهن ايشيائي شهرين کي گرفتار ڪيو آهي۔
وزارت موجب گرفتار ٿيلن ۾ هڪ بنگلاديشي ۽ پنج پاڪستاني شهري شامل آهن۔ بيان ۾ چيو ويو آهي ته شڪي ماڻهن ايراني حملن سبب ٿيندڙ نقصان بابت وڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي پوسٽ يا شيئر ڪيون۔
گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته انهن وڊيوز مان حملن لاءِ همدردي يا تعريف جو تاثر ملي رهيو هو، جيڪو سيڪيورٽي ۽ عوامي نظم تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو۔
وزارت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته صرف سرڪاري ذريعن مان معلومات حاصل ڪن ۽ غير تصديق ٿيل وڊيوز يا خبرون شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪن۔
