March 10, 2026 11:44 PM

پيٽرول سان ڀريل چار جهاز پاڪستان پھچي ويا، 87 هزار ٽن پيٽرول ان لوڊ ڪرڻ جو عمل جاري

ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو اضافي کان پوءِ پيٽرول سان ڀريل چار جهاز پورٽ قاسم تي پهچي ويا آهن۔

پورٽ اختيارين موجب تقريبن 250 ملين ليٽر پيٽرول کڻي ايندڙ جهازن مان هڪ جهاز مان 37 هزار ٽن پيٽرول جي منتقلي مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي جهاز مان 50 هزار ٽن پيٽرول ان لوڊ ڪرڻ جو عمل جاري آهي۔

آفيسرن جو چوڻ آهي ته هڪ وڌيڪ جهاز 12 مارچ تي پورٽ قاسم پهچندو، جيڪو 55 هزار ٽن پيٽرول کڻي ايندو، جڏهن ته ٻيو جهاز 13 مارچ تي پهچڻ جي اميد آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 34 هزار ٽن پيٽرول ان لوڊ ڪندو۔

واضح رهي ته حڪومت تازو ئي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو هو۔