سرگوڌا:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سرگوڌا جي مضافات 126 نارٿ جي هڪ ڳوٺ ۾ مڙس پاران مبينا طور زال کي تيزاب ڏيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي۔
ريسڪيو عملدارن موجب متاثر عورت کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع ملڻ تي فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
