March 10, 2026 10:44 PM

پيٽرول مهانگو: خيبر پختونخواهه ۾ موٽرسائيڪل سوارن کي مالي مدد جو اعلان

پشاور:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي صوبي ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن سبب موٽرسائيڪل سوارن کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔

پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير اطلاعات بابت خاص مددگار شفيع جان ۽ ناڻي بابت صلاحڪار مزمل اسلم سان گڏ ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري عوام تي بار وڌو آهي، جنهن کي صوبائي حڪومت رد ڪري ٿي۔

هن چيو ته اهڙن فيصلن کان اڳ وفاق کي صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجا عيش عشرت وارا خرچ گهٽائڻ گهرجن۔

سهيل آفريدي ٻڌايو ته پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل سوارن کي 2200 رپيا سبسڊي ڏني ويندي۔

سندس چوڻ هو ته هن وقت خيبر پختونخواهه ۾ لڳ ڀڳ 14 کان 16 لک موٽرسائيڪلون رجسٽرڊ آهن ۽ هر رجسٽرڊ موٽرسائيڪل مالڪ کي اها رقم فراهم ڪئي ويندي ته جيئن سفري خرچن ۾ ڪجهه رليف ملي سگهي۔

وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ بي آر ٽي جا ڀاڙا به نه وڌايا ويندا، اضافي خرچ حڪومت پاڻ برداشت ڪندي۔

هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ نئين گاڏين جي خريد و فروخت تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ بين الاقوامي سفر به محدود ڪيا ويا آهن ته جيئن غير ضروري خرچ گهٽايا وڃن۔