March 11, 2026 9:01 AM

اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران خلاف جنگ ۾ 42 ايراني جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن: ٽرمپ

واشنگٽن:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران خلاف جنگ ۾ 42 ايراني جنگي جهاز تباهه ڪيا آهن۔

ٽرمپ لاطيني آمريڪي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ايران ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي ۽ وچ اوڀر سميت ٻين علائقن کي مدد فراهم ڪري رهيو آهي۔

صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته صرف 3 ڏينهن ۾ 42 جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا، ۽ گڏوگڏ آمريڪي جاني نقصان کي گهٽ رکڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن زور ڏنو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي ويجهو هو، تنهن ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائي انتهائي ضروري هئي۔

ان کان علاوه، ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران جي بحري، هوائي فوج ۽ ٽرانسپورٽيشن سسٽم تي پڻ اثرائتو حملو ڪيو آهي، جنهن سان ايران جي فوجي صلاحيتن تي وڏي نقصان پهتو آهي۔