March 11, 2026 4:35 AM

ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ: پاڪستان ريلوي جو ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو اضافي جو اعلان

اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پاڪستان ريلوي ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرين جي ڀاڙن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

ريلوي ترجمان موجب اڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو، اي سي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو ۽ مال بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي۔

ترجمان جو چوڻ آهي ته نوان ڀاڙا 9 مارچ کان سڀني مسافر ۽ مال بردار ٽرينن تي لاڳو ٿيندا، جڏهن ته اڳ ۾ ڪيل بڪنگز تي ان واڌ جو اطلاق نه ٿيندو۔