حيدرآباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) لطيف آباد پوليس اسٽيشن اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ عورت منشيات فروش کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪري ورتي۔
پوليس موجب، ڊي ايس پي لطيف آباد محمد خان برهماڻي ۽ ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو جي نگراني ۾ خفيه اطلاع تي لطيف آباد نمبر 11 ۾ آپريشن ڪيو ويو۔
ڪارروائي دوران پوليس هڪ عورت کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 36 ڪلوگرام چرس ھٿ ڪئي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
