ڪوٽڙي: (رپورٽ: سليم کوسو) ٻولھاڙي گدام جي اڳوڻي انچارج علي رضا بروھي ڄامشورو ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڪڻڪ جي ٻورين جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ باوجود خوراڪ کاتي جا عملدار هٿ ٺوڪيون سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته گدام مان ٻيهر سندس مقرر ڪيل عملي کي ڪڍي تالا هڻي ڇڏيا ويا آهن، جنهن سبب ٻورين جي گم ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔
علي رضا بروھي چيو ته گدام جو چارج سنڀالڻ شرط ئي خوراڪ کاتي جي مافيا ڪڻڪ چوري ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي، پر هن ڪنهن به ٻوري کي گدام مان ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني. سندس چوڻ موجب، ان عمل جي نتيجي ۾ ملي ڀڳت ذريعي اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو۔
هن ٻڌايو ته بعد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وئي، جنهن ۾ واضح طور تي گدام ۾ ڪابه شارٽيج نه هجڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان باوجود، ڊپٽي ڊائريڪٽر قمر ميمڻ، هيڊ ڪلارڪ مجيد سومرو ۽ اسلم ميمڻ مئجسٽريٽ جي رپورٽ کي نظرانداز ڪندي بنا چارج ڏيڻ جي گدام جو انتظام سنڀالي ورتو ۽ سندس عملي کي زبردستي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔
علي رضا بروھي خدشو ظاهر ڪيو ته خوراڪ کاتي جا ڪجهه عملدار گدام مان ڪڻڪ جون ٻوريون چوري ڪري سگهن ٿا. هن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
