February 20, 2026 10:25 PM

سي 2 ايف يوريا منصوبو: سنڌ حڪومت جو فوجي ڀاڻ ڪمپني سان مڪمل سهڪار جو اعلان

ڪراچي: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٿر ڪوئلي تي ٻڌل پاڪستان جي اهم ڪوئلي کان ڀاڻ (C2F) منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي چيو آهي ته فوجي ڀاڻ ڪمپني طرفان شروع ڪيل هي منصوبو ملڪ کي درآمد ٿيل ڀاڻ تي انحصار کان نجات ڏيندو. هن چيو ته منصوبي سان نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، برآمدات ۾ اضافو ٿيندو ۽ مقامي ڪوئلي جي وسيلن جي قدر ۾ نمايان واڌ ايندي۔

وڏي وزير منصوبي جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏيندي حڪومت جي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو۔

ايف ايف سي وفد جي بريفنگ

فوجي ڀاڻ ڪمپني (ايف ايف سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جهانگير پراچا جي اڳواڻي ۾ وفد وڏي وزير کي 1.12 بلين ڊالر جي هن منصوبي بابت ٽيڪنيڪل، مالي ۽ ماحولياتي پهلوئن تي تفصيلي بريفنگ ڏني۔

وفد ٻڌايو ته منصوبي جو بنيادي مقصد ٿر جي مقامي ڪوئلي کي استعمال ڪندي ڀاڻ جي شعبي ۾ خودڪفيلي حاصل ڪرڻ ۽ درآمدات تي دارومدار گهٽائڻ آهي۔

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتون

وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري، ٿر ڪول جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر طارق شاهه سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔

ايف ايف سي جي ٽيم ۾ چيف ٽيڪنيڪل آفيسر سيد امير عباس، هيڊ آف گورنمينٽ اينڊ پبلڪ رليشنز شهباز اي خان ۽ سعد لوڌي شامل هئا۔

منصوبي جي ٽائم لائين

ايف ايف سي وفد ٻڌايو ته نومبر 2025 ۾ بينڪ ايبل فزيبلٽي اسٽڊي (BFS) جي مڪمل ٿيڻ سان منصوبو هڪ اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن وقت منصوبو فرنٽ اينڊ انجنيئرنگ ڊيزائن (FEED) ۽ پروجيڪٽ ڪانٽريڪٽس جي مرحلي ۾ آهي۔

موجوده شيڊول موجب:

مالي بندش: 2026 جي آخر يا 2027 جي شروعات

ڪمرشل آپريشنز (COD): جنوري 2031

اقتصادي ۽ روزگار جا اثر

ايف ايف سي هن منصوبي کي “گيم چينجر” قرار ڏيندي چيو ته سي 2 ايف پلانٽ ساليانو 7 لک 17 هزار ٽن يوريا پيدا ڪندو، جنهن مان

50٪ ملڪ اندر استعمال
50٪ برآمد

يوريا جي برآمدات مان ساليانو تقريبن 260 ملين ڊالر آمدني متوقع آهي۔
منصوبي سان

3,500 سڌا روزگار
7,000 اڻ سڌا روزگار

پيدا ٿيندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي 2.1 ملين ٽن ڪوئلي جي پيداوار مان ساليانو لڳ ڀڳ 5.5 ملين ڊالر رائلٽي ملندي۔

ماحول دوست ڊيزائن

هي منصوبو جديد ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي، جتي ڪوئلي کي گيسيفڪيشن ذريعي سنٿيسس گيس ۾ تبديل ڪري امونيا ۽ يوريا تيار ڪئي ويندي۔

پهريئن مرحلي ۾

يوريا جي پيداوار
سلفر
اضافي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂)

پيدا ڪئي ويندي، جيڪا صنعتي استعمال ۾ آندي ويندي۔
ٻئي مرحلي ۾ گرين امونيا ۽ يوريا جي پيداوار وڌائڻ جو منصوبو شامل آهي۔

ماحولياتي تحفظ لاءِ قدم

ايف ايف سي موجب، ماحولياتي تحفظ لاءِ 50 ملين ڊالر کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ شامل آهن

آلودگي ڪنٽرول سسٽم
پاڻي جي ٻيهر استعمال
صفر مائع خارج ٿيڻ (Zero Liquid Discharge)
مينهن جي پاڻي جي ذخيريداري
صنعتي ضمني شين جي پيداوار

سنڌ حڪومت جو مڪمل سهڪار

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت منصوبي جي ڪامياب عملدرآمد لاءِ پاڻي، زمين ۽ پاليسي سطح تي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. ان ۾

12 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي
پلانٽ لاءِ زمين جي الاٽمينٽ
اسلام ڪوٽ ۾ ملازمن لاءِ رهائشي سهولتون

شامل آهن۔