تلھار (رپورٽ: منجي لال) جمعيت علما۽ اسلام جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو، جمعيت علما۽ اسلام تعلقا تلھار جي جنرل سيڪريٽري مفتي عبدالرحيم جي سئوٽ غازي خان دلواڻي جي وفات تي دلواڻي هائوس تلھار پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي۔
ان موقعي تي ڳالهائيندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، جتي ڪچي توڙي شهري علائقن ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي. هن الزام هنيو ته وفاق سميت سنڌ حڪومت جعلي مينڊيٽ تي قائم آهي ۽ امن امان برقرار رکڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهي آهي۔
هن چيو ته سڀني ڌرين کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي سنڌ ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو. مولانا راشد محمود سومرو موجب جمعيت علما۽ اسلام امن جو پيغام کڻي امن مارچ ڪيو، پر حڪمران ڌر جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز نٿا چاهين ته سنڌ ۾ امن بحال ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته جعلي مينڊيٽ سان اقتدار ۾ آيل حڪومت ملڪ ۾ پنهنجي رٽ بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي۔
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪجهه قبائلي سردار نٿا چاهين ته ڪچي سميت سکر، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن مان ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ٿئي. ڪچي ۽ پڪي علائقن جا ڌاڙيل گڏجي مظلوم عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ويٺا آهن۔
مولانا راشد محمود سومرو چيو ته هاڻي سنڌ جي عوام کي سوچڻو پوندو، ڪڏهن پوليس جا جوان شهيد ٿين ٿا ته ڪڏهن قبائلي تڪرارن ۽ ڌاڙيلن جي هٿان بيگناهه ماڻهو جان وڃائي ويهن ٿا. هن زور ڀريندي چيو ته جمعيت علما۽ اسلام سنڌ ۾ امن ۽ امان جي صورتحال بهتر ڏسڻ چاهي ٿي، پر پيپلز پارٽي امن جي بحالي نٿي چاهي۔
آخر ۾ هن سنڌ جي عوام، خاص طور نوجوانن کي دعوت ڏني ته هو جمعيت علما۽ اسلام ۾ شامل ٿين، ڇو ته پارٽي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته جيستائين بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي عوام کي پنهنجن وسيلن تي حق نه ملندو، تيستائين ملڪ ۾ پائيدار امن ممڪن نه هوندو۔
