هالاڻي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) هالاڻي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ روڊ جي وچ ۾ نوجوان کي زنجيرن ۾ ٻڌي تشدد ڪرڻ جو معاملو پيش آيو هو، جنهن تي ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو سخت نوٽيس ورتو۔
ايس ايس پي نوشهروفيروز جي هدايتن تي عمل ڪندي، هالاڻي پوليس جوابدار نياز گادي کي گرفتار ڪري ورتو۔
گرفتار جوابدار پنهنجي ڀاءُ کي ٿنڀي سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
