February 14, 2026 10:18 PM

لاهور: 16 ورهين جو نوجوان لگڙ اڏائيندي ڪوٺي تان ڪري فوت، بسنت دوران مرڻ وارن جو انگ 4 ٿي ويو

لاهور_ 16 ورهين جو نوجوان لگڙ اڏائيندي ڪوٺي تان ڪري فوت، بسنت دوران مرڻ وارن جو انگ 4 ٿي ويو

لاهور: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) لاهور ۾ 16 ورهين جو نوجوان لگڙ اڏائيندي ڪوٺي تان ڪري فوت ٿي ويو۔

امدادي اهلڪارن موجب نوجوان لگڙ اڏائيندي ڪوٺي تان ڪري زخمي ٿيو. کيس اسپتال نيو ويو پر هو بچي نه سگهيو۔

امدادي اهلڪارن ٻڌايو ته نوجوان جي سڃاڻپ 16 ورهين جي عبدالله جي نالي سان ٿي آهي ۽ هو بسنت ملهائڻ جي لاءِ سيالڪوٽ کان لاهور آيو هو۔

امدادي اهلڪارن چيو ته ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه کي مُردي خاني ۾ منتقل ڪيو ويو۔

عملدارن موجب بسنت جي ڏينهن ۾ مرڻ وارن جو انگ 4 ٿي ويو آهي۔