اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) وفاقي گادي واري شهر ۾ امام بارگاهه اندر ٿيل ڌماڪي وقت جي سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ اچي وئي آهي، جنهن ۾ حملي آور کي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيندي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو۔
سي سي ٽي وي فوٽيج موجب ڌماڪو تقريباً 1:38 وڳي ٿيو۔ فوٽيج ۾ امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ رستي تي ماڻهن جي ڀاڄ ڊوڙ نظر اچي ٿي، جڏهن ته ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ شرط شهري جان بچائڻ لاءِ ڀڄندي ڏسي سگهجن ٿا۔
فوٽيج ۾ حملي آور کي امام بارگاهه ۾ تيزي سان داخل ٿيندي به ڏٺو ويو آهي۔ ڌماڪي کان پوءِ واري فوٽيج ۾ شهري امام بارگاهه مان ٻاهر نڪرندي ۽ علائقي ۾ افراتفري جو منظر به صاف ظاهر آهي۔
ڌماڪي جي شدت جو اندازو لڳائڻ لاءِ هڪ ٻي وڊيو پڻ سامهون آئي آهي، جيڪا واقعي جي خوفناڪ صورتحال کي ظاهر ڪري ٿي۔
