اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ امام بارگاھ جي اندر ٿيل خودڪش بم ڌماڪي کانپوءِ راولپنڊي جي سمورن شفاخانن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي۔
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته 25 ايمرجنسي ايمبولينس اسلام آباد ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته راولپنڊي ضلعي جي سمورن شفاخانن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي۔
مريم نواز چيو ته اسپتالن ۾ جراحي ٽيمون مڪمل طور تي تيار آهن، جڏهن ته بلڊ بينڪن ۽ آپريشن ٿيٽرن ۾ زخمين کي هر قسم جون طبي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل آهن۔
پنجاب جي وڏي وزير موجب، راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔
ياد رهي ته اسلام آباد جي مضافاتي علائقي ترلائي ۾ خديجة الڪبريٰ مسجد ۽ امام بارگاھ ۾ جمعي جي نماز دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 30 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا۔
