February 14, 2026 10:18 PM

ڄامشورو ڀرسان ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

ڄامشورو ڀرسان ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا اغوا، وارثن جو احتجاج

ڄامشورو: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ڄامشورو ڀرسان ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا طور اغوا ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي. ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ 25 ورهين جي ناري صبرين ڌيءَ نظام پٺاڻ، جيڪا روزگار خاطر ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ ڄامشورو جي جابلو علائقن ۾ ايندي هئي، مبينا طور گم ٿي وئي آهي۔

وارثن موجب صبرين پنهنجي ساٿي عورتن سان گڏ ڄامشورو جي جابلو علائقي ۾ ڪپڙا وڪڻڻ وئي هئي. ڳوٺ يوسف کوسو کان لڳ ڀڳ ٻه ڪلوميٽر پري، هوءَ کوسا برادري جي هڪ گهر ۾ وئي، پر اتان واپس نه موٽي. ساٿي عورتن گهڻي ڳولا ڪئي، پر ناري جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو۔

واقعي کان پوءِ صبرين جي وارثن کوسا برادري جي ماڻهن تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي تي مبينا اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي. وارثن جو چوڻ آهي ته ڄامشورو پوليس مبينا طور کوسا برادري جي ڪجهه گهرن تي ڇاپا هڻي ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو، پر بعد ۾ ڏوڪڙ وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو۔

مبينا اغوا واري واقعي خلاف ناري جي وارثن ڄامشورو شهر ۾ احتجاج پڻ ڪيو. احتجاج دوران صبرين جي پيءُ نظام پٺاڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڌيءَ کي اغوا ڪري ڳجهي هنڌ تي رکيو ويو آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن ترت ڪاروائي نه ڪئي وئي ته ناري کي قتل ڪيو وڃي سگهي ٿو۔

نظام پٺاڻ چيو ته صبرين جا ٽي ننڍڙا ٻار روئي روئي بيحال آهن، جڏهن ته پوري ڪٽنب ۾ سخت پريشاني ڇانيل آهي. هن ڄامشورو پوليس تي لاپرواهي جو الزام مڙهيندي مطالبو ڪيو ته سندس ڌيءَ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي۔

آخر ۾ هن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان معاملي جو ترت نوٽيس وٺڻ، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي۔