February 21, 2026 2:14 PM

فيض گنج ۾ پوليس مقابلو، ٽي ڌاڙيل مارجي ويا

فيض گنج ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٽي ڌاڙيل مارجي ويا

خيرپور: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) خيرپور جي تعلقي فيض گنج ۾ پوليس مقابلي ۾ ٽي ڌاڙيل مارجي ويا۔

ايس ايس پي سميع الله سومرو چيو ته خيرپور ڪوٽ لالو حاجي علي نواز شر جي ويجهو ڌاڙيل مسافر گاڏين کي ڦري رهيا هئا، جڏهن پوليس موبائل پهتي ته ڌاڙيلن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ اشتهاري ڌاڙيل مارجي ويا۔

سميع الله سومرو چيو ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ عاقب شر، ملا شر ۽ مجتبيٰ عرف ماجو شر جي نالي سان ٿي آهي. عاقب شر جي سر تي 41 لک رپيا انعام رکيو ويو هو جڏهن ته ملا بخش شر جي سر تي 30 لک رپيا انعام رکيو ويو هو. ٻنهي جوابدارن خلاف 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيس داخل ڪيا ويا هئا۔

ايس ايس پي چيو ته خيرپور ۾ مقابلي ۾ مارجي ويل ٽن ڌاڙيلن جا لاش رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج منتقل ڪيا ويا آهن. مارجي ويل ڌاڙيلن خلاف سنڌ ۾ قتل، ڦر ۽ اغوا جي ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. مارجي ويل ڌاڙيلن جي ساٿين جي ڳولا جاري آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔