February 21, 2026 7:21 PM

سال 2026 جي پهرئين مهيني ۾ ئي مهانگائي جي شرح ۾ واڌارو

سال 2026 جي پهرئين مهيني ۾ ئي مهانگائي جي شرح ۾ واڌارو

اسلام آباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) وفاقي شماريات بيورو مهانگائي جي حوالي سان ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. سال 2026 جي پهرئين مهيني ۾ ئي مهانگائي جي شرح ۾ واڌارو ٿيو۔

ڊسمبر 2025 جي مقابلي ۾ جنوري ۾ افراط زر جي شرح 0.39 سيڪڙو وڌي وئي، جنهن سان جنوري 2026 ۾ سالياني افراط زر جي شرح 5.80 سيڪڙو ٿي وئي۔

ناڻي واري وزارت جنوري ۾ افراط زر جو اندازو 5 کان 6 سيڪڙو جي وچ ۾ لڳايو هو. جولاءِ 2025 کان جنوري 2026 تائين سراسري افراط زر 5.24 سيڪڙو رهيو۔

شماريات بيورو موجب، ڊسمبر 2025 ۾ سالياني افراط زر جي شرح 5.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مهيني، ڳوٺن ۾ مهيني جي افراط زر جي شرح 0.61 سيڪڙو وڌي وئي۔

شهرن ۾ افراط زر جنوري 2026 ۾ 0.23 سيڪڙو وڌي ويو. گذريل مهيني، ڳوٺن ۾ سالياني افراط زر جي شرح 5.79 سيڪڙو هئي۔

شماريات بيورو موجب، جنوري ۾ شهرن ۾ سالياني افراط زر جي شرح 5.81 سيڪڙو هئي۔