ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) رحمان ڊڪيت جو پُٽ غيرقانوني هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آھي۔
جوابدار جو نالو جبران پُٽ عبدالرحمان ٻڌايو ويو آهي، جيڪو رحمان ڊڪيت جي نالي سان به مشهور آهي، جوابدار کي ڪالاڪوٽ پوليس اسٽيشن جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي۔
جوابدار وٽان هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. جوابدار، رحمان ڌاڙيل جو اصل پُٽ آهي. جوابدار هڪ نشئي ۽ عادي ڏوهاري آهي. جوابدار اڳ ۾ به ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ کيس جيل اماڻيو ويو آهي۔
پوليس جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ۽ جوابدار جي خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي۔
