حيدرآباد: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) حضرت لعل شهباز قلندرؒ جي عرس مبارڪ دوران سيهون ۾ واهن ۾ وهنجڻ ۽ ڳري ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي۔
ڊپٽي ڪميشنر ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي درخواست تي ڪميشنر حيدرآباد دفعه 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن مطابق 15 شعبان کان 20 شعبان تائين سيهون جي واهن ۾ وهنجڻ تي پابندي هوندي۔
سيهون ۾ ڳري ٽرئفڪ جي داخلا تي پڻ پابندي هوندي ۽ دفعه 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔
ڪميشنر حيدرآباد فياض عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عرس دوران زائرين جي سهولت ۽ ٽرئفڪ ڪنٽرول لاءِ ڳري ٽرئفڪ تي پابندي لڳائي وئي آهي، قلندر جي عرس دوران هٿيارن جي ڏيکاءُ تي به پابندي هوندي، ۽ دفعه 144 امن امان جي صورتحال کي مدنظر رکندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔
