February 21, 2026 12:55 PM

ڄاڄين سان ڀريل ڪوسٽر ۽ ٽرڪ جو خوفناڪ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي

باراتين سان ڀريل ڪوسٽر ۽ ٽرڪ جو خوفناڪ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي

لودھراں:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) جلالپور روڊ تي منڊھالي موڙ ويجهو ڄاڄين سان ڀريل ڪوسٽر ۽ ٽرڪ جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ سبب 4 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ تقريباً 30 زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن.

زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوسٽر ڄاڄين کي وٺي جهانين وڃي رهي هئي ته اهو حادثو پيش آيو.

مقامي رهاڪن موجب ٽرڪ تان ڪنٽرول وڃائڻ سبب ڪوسٽر سان ٽڪر ٿيو.

ريسڪيو ۽ پوليس جي ٽيمون فوراً پهچي مدد فراهم ڪئي ۽ حادثي جي وڌيڪ جاچ لاءِ مقامي اختيارين کي اطلاع ڏنو ويو آهي.