February 14, 2026 11:55 PM

پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شامل، هندستان خلاف شيڊول ميچ جو بائيڪاٽ

پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شامل، هندستان خلاف شيڊول ميچ جو بائيڪاٽ

اسلام آباد: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پاڪستان آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
ان حوالي سان وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي اڄ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا۔
ڊگهي مشاورت کانپوءِ حڪومت پاڪستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي، پر 15 فيبروري 2026 تي ڀارت خلاف شيڊول ڪيل ميچ کيڏڻ لاءِ ميدان ۾ نه لهندي۔