اسلام آباد؛(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ڇڏيو آهي۔
صدر مملڪت قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر، 2 فيبروري 2026ع شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ سڏايو آهي۔

سرڪاري ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق (1) تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو آهي۔
واضح رهي ته 2 فيبروري 2026ع تي ٿيندڙ هي اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 24هون اجلاس هوندو۔
