February 21, 2026 3:58 PM

وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه سان چيئرمين معاون فائونڊيشن ايڊمرل (ر) آصف سنديلا جي ملاقات

وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه سان چيئرمين معاون فائونڊيشن ايڊمرل (ر) آصف سنديلا جي ملاقات

ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) وزير تعليم سنڌ سيد سردار علي شاهه سان چيئرمين معاون فائونڊيشن ايڊمرل (ر) آصف سنديلا جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۾ اسڪولن جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ شراڪتي تعاون جي مکينزم تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.

وزير تعليم سنڌ چيو ته تعليمي اقدامات ۾ معاون فائونڊيشن جو تعاون قابل تعريف آهي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ بهتري لاءِ شراڪتداري جا آپشن ڪارگر ثابت ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (CSR) جي مکينزم کي بهتر بڻائي، تعليمي مقصدن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا.

چيئرمين معاون فائونڊيشن ايڊمرل (ر) آصف سنديلا چيو ته پاڪستان جا شاگرد قابل آهن ۽ صرف معاونت فراهم ڪرڻ سان هڪ روشن تعليمي مستقبل جا خواب حقيقت ۾ بدلائي سگهجن ٿا.

ملاقات دوران تعاون وڌائڻ ۽ تعليم جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.