February 21, 2026 6:16 AM

تلهار: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت هيٺ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپارين سان شهري دفاع بابت اهم گڏجاڻي

تلھر: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جي صدارت هيٺ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپارين سان شهري دفاع بابت اهم گڏجاڻي

تلهار(رپورٽ: منجي لال) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي جي صدارت هيٺ ڪميٽي روم ۾ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن سان هڪ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شهري دفاع، باهه وسائڻ جي انتظامن ۽ ايمرجنسي صورتحال ۾ تيز رسپانس بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو.

گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي چيو ته پيٽرول پمپن، دڪانن، مارڪيٽن ۽ ٻين تجارتي مرڪزن تي باهه لڳڻ جا واقعا وڏي جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿا، تنهنڪري ضروري آهي ته سڀئي پيٽرول پمپ مالڪ ۽ واپاري پنهنجي ادارن ۾ جديد باهه وسائڻ جا آلات (فائر ايڪسٽيگوئشر) هر وقت فعال حالت ۾ رکن ۽ عملي کي انهن جي استعمال بابت باقاعده تربيت فراهم ڪن.

هن وڌيڪ چيو ته شهري دفاع جي اصولن تي عمل ڪندي باهه کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ احتياطي قدم کڻڻ انتهائي اهم آهن، ڇو ته بروقت ڪارروائي سان وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. هن فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جي عملي کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو ۽ باهه وسائڻ جا عمل تيزي سان مڪمل ڪيا وڃن.

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر واپارين ۽ شهرين تي زور ڏيندي چيو ته هو پنهنجي دڪانن، مارڪيٽن ۽ گهرن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا نصب ڪن، جنهن سان نه رڳو ڏوهن ۾ ملوث عنصرن جي سڃاڻپ ممڪن ٿيندي، پر امن امان جي صورتحال تي به بهتر ڪنٽرول قائم رهندو. هن چيو ته شهري دفاع صرف ادارن جي ذميواري ناهي، پر هر شهري جو گڏيل فرض آهي ته هو پنهنجي ۽ ٻين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري.

گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ پيٽرول پمپ مالڪن ۽ واپاري اڳواڻن انتظاميا سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هو شهري دفاع بابت جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪندا ۽ باهه کان بچاءَ لاءِ ضروري سامان جلد فراهم ڪيو ويندو.

گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بدين راجيش دلپت، پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ملڪ محمد الياس، ڪريانه ايسوسيئيشن جو اڳواڻ شيراز ميمڻ سميت لاڳاپيل آفيسر ۽ واپاري اڳواڻ پڻ شرڪت ڪئي.