February 21, 2026 10:30 AM

ڪيلاش ڪولهي قتل ڪيس: صوبائي وزيرن ۽ اڳوڻي سينيٽر جي وارثن سان تعزيت، 10 لک امداد جو اعلان

تلھار:(رپورٽ – منجي لال) صوبائي وزير سنڌ جامعات بورڊ محمد اسماعيل راهو، وزيراعليٰ سنڌ جو معاون خصوصي براءِ اقليتي معاملا ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي ۽ اڳوڻي سينيٽر ڪرشنا ڪماري بدين ويجهو ڳوٺ پيرو لاشاري پهچي بيدردي سان قتل ٿي ويل ڪيلاش ڪولهي جي والد چيتن ڪولهي ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي ۽ ڪرشنا ڪماري چيو ته ڪيلاش ڪولهي جو قتل انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ڪجهه ڏينهن اندر جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته پرامن احتجاج هر شهري جو جمهوري حق آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ لنجار ان معاملي تي ذاتي طور نظر رکي رهيا آهن.

ان موقعي تي معاون خصوصي براءِ اقليتي معاملا ايم پي اي ڊاڪٽر شام سندر ايڊواڻي چيو ته انساني جان جي اهميت تمام وڏي آهي، جنهن جو ڪو به نعم البدل ناهي. هن ڪيلاش ڪولهي جي وارثن لاءِ 10 لک روپين جي مالي مدد جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقليتي ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ قاتل جي گرفتاري کان سزا تائين مقتول جي وارثن سان گڏ رهندي. هن چيو ته ڪيلاش ڪولهي جا وارث پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن.