February 21, 2026 7:37 AM

لاهور: پالتو شير جي حملي سبب 8 ورهين جو ٻار سخت زخمي، ٻانهن ڪلهي کان مٿان ڪٽڻي پئي

لاهور:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) لاهور جي سبزہ زار واري علائقي ۾ پالتو شير جي حملي سبب 8 ورهين جو ٻار سخت زخمي ٿي پيو. ميڊيڪل ذريعن موجب ٻار کي فوري طور نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ساڄي ٻانهن ڪلهي کان مٿان ڪٽڻي پئي.

ميڊيڪل رپورٽ مطابق ٻار وجيد کيڏندي شير جي پنجري ويجهو ويو، جتي پالتو شير حملو ڪري کيس شديد زخمي ڪري ڇڏيو. امپيوٽيشن بعد ٻار کي ڊسچارج ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کيس ميڊيڪل ليگل ڪيس طور سر گنگا رام اسپتال جي ايمرجنسي ۾ منتقل ڪيو ويو.

سرجڪل يونٽ ون جي ڊاڪٽرن موجب زخم هڪ کان ٻه ڏينهن پراڻو هو پر تازو حالت ۾ هو، جنهن تي فوري علاج ۽ ري ڊريسنگ ڪئي وئي.

واقعي جي ابتدائي رپورٽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي موڪلي وئي آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.