February 21, 2026 10:09 AM

شادبانو ملاح تي تشدد وارو واقعو: شازيه عطا مري جي اسپتال ۾ عيادت، انصاف جي خاطري

حيدرآباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) قومي اسيمبلي جي رڪن شازيه عطا مري چوٽياريون ۾ تشدد جو شڪار بڻجندڙ نينگري شادبانو ملاح جي عيادت لاءِ اسپتال پهتي، جتي هن متاثر نينگري ۽ سندس وارثن سان ملاقات ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا۔

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شازيه عطا مري چيو ته شادبانو ملاح سان پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت آهي، عورتن مٿان تشدد ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي۔ هن چيو ته متاثر نينگري کي مڪمل طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي۔

قومي اسيمبلي جي رڪن وڌيڪ چيو ته هوءَ هن معاملي جي ذاتي طور نگراني ڪندي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندي۔ شازيه عطا مري متاثر نينگري جي وارثن کي يقين ڏياريو ته کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ هر فورم تي سندن آواز بلند ڪيو ويندو۔