ميهڙ:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ميهڙ شهر جي گهاڙي روڊ، اسحاق ٽائون واري علائقي مان 12 ورهين جي نينگر دلشير ٻرڙو عرف دلشاد ٻرڙو جو ڪپڙن کان آجو لاش هٿ آيو آهي. واقعي بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته وارثن انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
مقتول نينگر جي والد امير بخش ٻرڙو موجب، دلشير گذريل ڏينهن شام جو تقريبن 5 وڳي گهر کان پاڙي ۾ ڇيڻا ۽ ڪاٺيون کڻڻ لاءِ نڪتو هو، پر ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واپس نه موٽيو. وارثن پاران ڳولا دوران نينگر جو تشدد ۽ زيادتي بعد قتل ٿيل لاش گهاڙي روڊ وٽ مليو.
نينگر جي والد امير بخش ٻرڙو جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار علي اصغر چانڊيو خلاف زيادتي بعد قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
واقعي بعد مقتول نينگر جي وارثن گل محمد ٻرڙو، شاهل خان، غازي خان ٻرڙو، غلام محمد ٻرڙو ۽ ٻين بي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو غريب پورهيت آهن ۽ انصاف چاهين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته وحشي جوابدار کي سخت سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
ٻئي طرف پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار علي اصغر چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
