February 21, 2026 7:21 PM

پارليامينٽ ۾ گھريلو تشدد خلاف مضبوط قانون منظور، مجرم لاءِ سخت سزا

اسلام آباد/ڪراچي:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گھريلو تشدد کان تحفظ ۽ روڪٿام جو قانون منظور ڪيو ويو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ گھريلو تشدد جي مختلف صورتن کان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. هي بل پيپلز پارٽي جي شرميلا فاروقي پيش ڪيو هو، جيڪو جسماني، نفسياتي ۽ جنسي زيادتيءَ جي مختلف روپن کي گھريلو تشدد جي زمري ۾ واضح طور بيان ڪري ٿو.

قانون مطابق، گھريلو تشدد مان مراد ڪو به اهڙو عمل آهي جيڪو ڪنهن عورت، مرد، مخنث، ٻار يا ڪنهن ڪمزور شخص خلاف جسماني، جنسي يا نفسياتي زيادتي ڪري، متاثر شخص ۾ خوف پيدا ڪري يا جسماني ۽ نفسياتي نقصان پهچائي. جسماني زيادتي ۾ اهڙو عمل شامل آهي جيڪو ڪنهن ڪمزور شخص جي جسماني سلامتي تي اثر انداز ٿئي، جڏهن ته نفسياتي زيادتي ۾ ذلت آميز رويو، ڌمڪيون، ۽ جسماني سزا جون ڌمڪيون شامل آهن.

نفسياتي ۽ زباني زيادتيءَ ۾ شريڪ حيات، گهر جي ٻين ميمبرن يا متاثر شخص جي توهين، تضحڪ، يا زندگيءَ جي آزادي تي حملو شامل آهي. اهڙو رويو جنهن سان متاثر شخص جي ذهني سڪون متاثر ٿئي يا کيس خوف محسوس ٿئي، ان کي قانون تحت گھريلو تشدد ۾ شمار ڪيو ويندو. انهيءَ ۾ پڻ شامل آهي ڪنهن کي طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ، پاگل يا بانجھ هجڻ جو الزام لڳائڻ، يا ڪنهن جي ڪردار بابت غلط الزام عائد ڪرڻ.

جنسي زيادتيءَ کي پڻ گھريلو تشدد جي زمرے ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪنهن شخص تي اهڙو جنسي عمل لاڳو ٿئي جيڪو متاثر شخص لاءِ تذليل جو سبب بڻجي. بل مطابق، متاثر شخص کي گڏيل گهر ۾ رهڻ جو حق حاصل هوندو ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته هو شيلٽر هوم ۾ پڻ تحفظ حاصل ڪري سگهي ٿو.

قانون مجرمين کي پابند ڪندو ته متاثر شخص سان ڪنهن به قسم جو ذاتي، زباني، تحريري، اليڪٽرانڪ يا ٽيلي فونڪ رابطو نه رکي. جيڪڏهن متاثر شخص جي جان، شهرت يا وقار کي سنجيده خطرو هجي، ته عدالت مجرم کي گهر مان ڪڍڻ ۽ سندس رشتيدارن کي گهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿي.

ٻارن جي صورت ۾، عدالت متاثر ٻار جي ڪسٽڊي ڪنهن مناسب شخص يا اداري کي ڏئي سگهندي. جيڪڏهن متاثر بالغ آهي، ته سندس رضاڪارانه منظوري سان ڪسٽڊي ڪنهن شخص يا اداري کي ڏني ويندي.

قانون موجب متاثر شخص جي درخواست تي عدالت 7 ڏينهن اندر پهرين ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته درخواست 90 ڏينهن اندر مڪمل نمٽائي ويندي. جيڪڏهن گھريلو تشدد جو عمل پينل ڪوڊ ۾ شامل نه هجي ته مجرم کي 6 مهينا کان 3 سال تائين قيد ۽ 20 هزار کان 1 لک روپيا تائين جرمانو ٿي سگهي ٿو. جرمانو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 3 مهينا قيد جو حڪم جاري ٿيندو.

ان کان علاوه، گھريلو تشدد ۾ مدد ڪندڙ شخص پڻ ساڳي قانوني ڪارروائيءَ جي دائري ۾ ايندو، جنهن جي سزا 6 مهينا کان 3 سال تائين قيد ۽ 1 لک روپيا تائين جرمانو مقرر آهي. متاثر شخص عدالت جي فيصلي خلاف اپيل 10 ڏينهن اندر داخل ڪري سگهي ٿو.

هي قانون پاڪستان ۾ گھريلو تشدد خلاف هڪ مضبوط ۽ جامع قانوني فريم ورڪ مهيا ڪري ٿو، جيڪو متاثرين کي نه صرف جسماني ۽ نفسياتي تحفظ ڏيندو، پر انهن کي معاشي، طبي ۽ سماجي مدد تائين رسائي پڻ فراهم ڪندو. قانوني ماهرن موجب، هي قدم عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور گروهن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي ۽ سماجي شعور کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.