February 21, 2026 12:28 AM

ايس ايس پي حيدرآباد جي صدارت هيٺ ڪرائم ميٽنگ، انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جون هدايتون

ايس ايس پي حيدرآباد جي صدارت هيٺ ڪرائم ميٽنگ، انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جون هدايتون

حيدرآباد:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) حيدرآباد ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو جي صدارت هيٺ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ اهم ڪرائم ميٽنگ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي ۾ مجموعي امن امان ۽ ڏوهن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ميٽنگ ۾ سڀني ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز ۽ ٻين لاڳاپيل انچارجز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ جاري ڪرائم ڪنٽرول قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو اسٽريٽ ڪرائم، منشيات فروشي، گٽڪا ۽ ننڍن ڏوهن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سخت عملدرآمد جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف بنا ڪنهن امتياز سخت ڪارروائيون ڪيون وڃن.

خصوصي طور تي لسٽڊ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ ضلعي مان ڏوهاري عنصرن جي مڪمل خاتمي تي زور ڏنو ويو. اشتهاري ۽ مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.

ايس ايس پي حيدرآباد سڀني ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون ڏنيون ته پنهنجن علائقن ۾ گشت وڌيڪ موثر بڻائين، شهرين جا مسئلا فوري حل ڪن ۽ عوام سان رابطي کي مضبوط ڪن.