February 21, 2026 3:59 PM

نوجوان ناري سان زيادتي بعد وحشياڻو تشدد ڪندڻ بااثر وڏيري جو پٽ حيدرآباد مان گرفتار، ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي

نوجوان ناري سان زيادتي بعد وحشياڻو تشدد ڪندڻ بااثر وڏيري جو پٽ حيدرآباد مان گرفتار، ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي

سانگهڙ:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) چوٽياريون جو بااثر وڏيري جي پٽ نوجوان هاري جي ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان بعد چهري کي ۽ زبان کي بليڊ سان ڪٽي ڇڏيو جنهن کي پوليس حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو ۽ اڄ سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪورٽ سڳوري ملزم کي ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ بااثر زميندار وارث راڄڙ جي پٽ هاري جي نوجوان ڌيءَ کي زمين تي کڻي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن کان بعد چهرو ۽ زبان بليڊ سان ڪٽي ڇڏيو.

آئي جي سنڌ جو واقعي جو نوٽيس وٺڻ کان بعد ڇوڪري جو زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن بعد پوليس ملزم کي حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو ۽ اڄ سانگهڙ جي عدالت ۾ ملزم کي پيش ڪيو ويو، سانگهڙ جي عدالت ملزم کي ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.