February 21, 2026 3:42 PM

چترال ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ماڻهو فوت

چترال ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 9 ماڻهو فوت

چترال:(ڪلياڻ نيوز ٽي وي) برفاني ڇپ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 10 ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا. ڊپٽي ڪمشنر چترال رائو هاشم موجب برفاني ڇپ ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا آهن.

ڊپٽي ڪمشنر چترال موجب فوت ٿيلن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا آهن، حادثي ۾ هڪ ٻار کي ملبي هيٺان کان زنده ڪڍيو ويو آهي.

رائو هاشم چيو ته فوت ٿيلن جا لاش ورداپ دروش، چترال منتقل ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته خيبر ضلعي جي تيره وادي ۾ تازين سخت برفباري جي ڪري ڦاٿل بي گهر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ بچاءُ جون ڪارروايون اڃا تائين جاري آهن.