اسلام آباد: (ڪلياڻ نيوز ٽي وي) ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي چٺه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڏانهن روانا هئا، جڏهن سرينا چوڪ ڀرسان پوليس سندن گاڏي روڪي ٻنهي کي حراست ۾ ورتو۔
ان وقت ڪيترائي وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه سان گڏ موجود هئا، جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال پيدا ٿي وئي۔
واضح رهي ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه اڳ ئي اهو اعلان ڪري چڪا هئا ته هو پنهنجي موقف تان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽندا۔
ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو هو ته هو پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهن ۽ هر قسم جا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهن، ڀلي کين جيل وڃڻو پوي۔
ذڪر ڪرڻ جهڙو آهي ته ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد متنازع ٽوئيٽس ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي ذاتي طور عدالت آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو۔
ساڳئي ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لکت واري فيصلي ۾ ٽرائل ڪورٽ جو حڪم رد ڪيو ويو هو۔ فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو هو ته ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي هن ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي۔
عدالتي فيصلي موجب ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي شاهدن تي جرح ڪرڻ لاءِ چار ڏينهن جو وقت فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقرر وقت اندر ٽرائل ڪورٽ آڏو پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ حفاظتي حڪم ختم سمجھيو ويندو۔
