February 21, 2026 4:02 PM

ڪوٽڙي ۾ قانون جي بالادستي ختم؟ بااثر ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي سڳي ڀاڻيجَي طرفان نوجوان اغوا ۽ وحشي تشدد جو الزام

ڪوٽڙي ۾ قانون جي بالادستي ختم؟ بااثر ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو جي سڳي ڀاڻيجَي طرفان نوجوان اغوا ۽ وحشي تشدد جو الزام

ڪوٽڙي شهر مان ڏينهن ڏٺي واٽ تي 23 ورهين جي نوجوان عطا محمد سھتو کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو. الزام آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شورو جو سڳو ڀاڻيجو عباس شورو پنهنجي ساٿين شعبان شورو، عاقب شورو ۽ نويد شورو سان گڏجي نوجوان کي زوريءَ اغوا ڪري فارم هائوس تي کڻي ويو.

مغوي نوجوان کي سخت تشدد، ذلت ۽ غير انساني سلوڪ جو نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب سندس هٿ ۽ پير ڀڄي پيا. الزام آهي ته ملزمن نوجوان کي اگهاڙو ڪري وڊيو ٺاهي، جڏهن ته سندس پرس ۽ رقم به ڦري ورتي وئي.

واقعي بعد ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان روڪڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ۽ ايف آءِ آر درج ٿيڻ بعد به پوليس تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته ملزمن کي گرفتار نه ڪيو وڃي. ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن به ملزم خلاف ڪا عملي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.

شهرين موجب ملزم اڄ به کلي عام شهر ۾ گهمي رهيا آهن، پوليس جي موجودگي هوندي به قانون خاموش نظر اچي رهيو آهي.