February 21, 2026 9:20 PM

اٺ فيبروري تي ملڪ بند رهندو ۽ عوام احتجاج لاءِ تيار رهي: عليمه خان

اٺ فيبروري تي ملڪ بند رهندو ۽ عوام احتجاج لاءِ تيار رهي: عليمه خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي همشيره عليمه خان ٻڌايو آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ بند رهندو ۽ عوام احتجاج لاءِ تيار هوندو.

هن چيو ته جن ماڻهن جا ووٽ چوري ٿيا آهن، اهي پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آواز اٿاريندا ۽ پنهنجو چوري ٿيل ووٽ واپس گهرندا. عليمه خان خبردار ڪيو ته عمران خان جو نالو وٺڻ سان پوليس اهلڪارن جو رويو خراب ٿي ويندو ۽ ڪارڪنن تي تشدد ٿيندو آهي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته گذريل رات اڊياله جيل ٻاهران هڪ ننڍڙو ٻار عمران خان جو نالو ورتو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس بار بار يقين ڏياري رهي هئي ته هو عمران خان سان گڏ آهن.

هن چيو ته اڊياله روڊ تي ريلي دوران تقريباً 400 پوليس اهلڪار موجود هئا، ۽ جڏهن نجم نالي ٻار باني جي آزادي جو نعرو هڻيائين، ته پوليس سخت لاٺي چارج ڪيو. ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو ۽ عورتن سان به ڇڪتاڻ ڪئي وئي.

عليمه خان واضع ڪيو ته سندن جدوجهد جاري رهندي ۽ عوام پنهنجو حق وٺي رهندو. هن چيو ته عمران خان 25 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ تي پوليس خوفزده ردعمل ڏيکاري رهي آهي.