February 21, 2026 9:20 PM

ملڪ ۾ شعبان المعظم جو چنڊ نظر نه آيو، يڪم شعبان اربع 21 جنوري تي ٿيندي

اسلام آباد: (ڪلياڻ نويز ٽي وي) شعبان جي چنڊ بابت مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو۔

اجلاس ۾ مرڪزي ۽ زونل رويت هلال ڪميٽين جي ميمبرن سان گڏ موسميات کاتي، فلڪيات جي ماهرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي۔

اجلاس کان پوءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اعلان ڪيو ته ملڪ ۾ شعبان المعظم جو چنڊ نظر نه آيو، جنهن ڪري يڪم شعبان اربع 21 جنوري تي ٿيندي۔