دادو: (رپورٽ – عزيز احمد ملڪ) دادو ويجهو ڳوٺ گلاب شيخ ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي گهر اندر فائرنگ سبب ٽي ورهين جو معصوم ٻار ساجد، پٽ عبدالرزاق چانڊيو، قتل ٿي ويو.
مقتول ٻار جي والد عبدالرزاق چانڊيو موجب، سندس ڀاءُ ستار ڪجهه عرصو اڳ ڪينسر جي بيماري سبب فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد ڀائيٽين مٿس الزام لڳايو ته تعويز وجهي ستار کي ماريو آهي.
والد جو الزام آهي ته انهيءَ دشمني سبب ڀائيٽين زبردستي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس معصوم پٽ ساجد گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ ڏهڪاءُ ڇانئجي ويو، جڏهن ته والد عبدالرزاق چانڊيو ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
هوڏانهن جھلو ٿاڻي جي پوليس وارثن جي الزام تي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.
