February 21, 2026 3:59 PM

گل پلازہ سانحو؛ 58 کان وڌيڪ ماڻهو لاپتہ آهن پر وزيراعظم اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو: مراد علي شاهه

ڪراچي: (ڪلياڻ نويز ٽي وي) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته گل پلازہ جي دلخراش واقعن تي اڃا تائين وزيراعظم رابطو ناهي ڪيو.

 

 

وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گل پلازہ ۾ پيش آيل آتشزدگي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، جنهن ۾ قيمتي انساني جانون ضايع ٿيون آهن. حادثي ۾ هڪ فائر فائٽر ۽ 5 شهرين جاڻ بحق ٿيا، جڏهن ته ابتدائي رپورٽن موجب شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي ۽ 58 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا لاپتہ آهن.

وزيراعليٰ سنڌ چيو ته امدادي ڪارروايون مڪمل طور تي جاري آهن ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ان سان گڏ، ڪجهه ماڻهو سانحي تي سياسي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن تي ڌيان نه ڏنو ويندو.

 

وزيراعليٰ سنڌ زور ڏنو ته متاثرن کي شفاف ۽ منصفاڻو ريليف فراهم ڪيو ويندو ۽ هر طرح جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو.