اسلام آباد: (ڪلياڻ نويز ٽي وي) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) جي اسلام آباد سرڪل هڪ ڪامياب آپريشن دوران اي ٽي ايم فراڊ ڪندڙ گينگ جي مرڪزي ملزمہ عاصمه منھاج سميت ٻه ملزمان گرفتار ڪيا آهن.
NCCIA جي ٽيم عاصمه منھاج کي چنيؤٽ مان هٿ ڪيو، ۽ سندس نشاندهي تي اسلام آباد جي مهرآبادي مان گينگ جو هڪ ٻيو ڪارندہ به گرفتار ٿيو. آپريشن دوران ڪيترائي اي ٽي ايم ڪارڊ، ڊيبٽ ڪارڊ ۽ ٻيا سامان پڻ ضبط ڪيا ويا.
ايجنسي موجب، هي گروپ اي ٽي ايم بوٿس تي ڪارڊ جي تبديلي ۽ متاثرن جي بينڪ اڪائونٽن مان رقم ڪڍڻ ۾ ملوث هو. فراڊ نيٽورڪ خلاف آپريشن جاري آهي ۽ وڌيڪ گرفتارين جي توقع آهي.
