ڀارت: (ڪلياڻ نويز ٽي وي) برف سان ڍڪيل ڍنڍ جي سير دوران افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي برف ٽٽڻ سبب ڪيترائي سياح ٻڏي ويا.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، هي واقعو اروناچل پرديش جي سيلا ڍنڍ ۾ پيش آيو، جتي ڪيرالا سان تعلق رکندڙ ست دوست سياحت لاءِ پهتا هئا.
توانگ ضلعي ۾ واقع هي ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ 13 هزار 700 فٽ جي بلندي تي موجود آهي.
حادثو ان وقت ٿيو جڏهن هڪ سياح ڍنڍ جي وچ ۾ ويو ته اوچتو برف ٽٽي پئي ۽ هو پاڻي ۾ ٻڏي ويو. کيس بچائڻ لاءِ ٻيا ٻه سياح اڳتي وڌيا، پر اهي به حادثي جو شڪار ٿي ويا.
واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس ۽ فوج گڏيل طور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. فوجي غوطه خورن هڪ سياح جو لاش ڪڍي ورتو جڏهن ته ٻئي کي نازڪ حالت ۾ بچايو ويو آهي.
ميڊيا موجب، هڪ سياح اڃا تائين لاپتا آهي ۽ سندس ڳولا جو عمل جاري آهي.
