February 21, 2026 3:39 PM

ٻار راند ڪندي هينڊ گرنيڊ جي ڌماڪي جو شڪار، 8 ورهين جو ٻار فوت، ڀيڻ زخمي

سوات: (ڪلياڻ نويز ٽي وي) سوات جي مٽه علائقي ۾ دل ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو آهي، جتي ٻار راند ڪندي هڪ هينڊ گرنيڊ جي ڌماڪي جو شڪار ٿي ويا جنهن سبب 8 ورهين جو عبدالهادي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس 5 ورهين جي ننڍي ڀيڻ مدِيحه سخت زخمي ٿي پئي.

ريسكيو ذريعن موجب، ٻارن ڪوڙي جي ڍير مان هينڊ گرنيڊ کي رانديڪو سمجهي هٿ ۾ کنيو، جيڪو اوچتو ڦاٽي پيو.

حڪام ٻڌايو آهي ته زخمي ٻارڙي کي انتهائي نازڪ حالت ۾ ترت اسپتال پهچايو ويو آهي، جتي هن جو علاج جاري آهي.

واقعي کان پوءِ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن واقعي واري هنڌ تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔