February 21, 2026 9:20 PM

محمود خان اچکزئي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر

محمود خان اچکزئي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر

اپوزيشن اتحاد تحریک تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود خان اچکزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پاران اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن سان محمود خان اچکزئي قومي اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جا اڳواڻ بڻيا آهن.

محمود خان اچکزئي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر

نوٽيفڪيشن موجب، هي مقرري قومي اسيمبلي بزنس رولز جي تحت 16 جنوري 2026 کان لاڳو هوندي.

معلوم ٿي ٿو ته اپوزيشن ليڊر جو عهدي 9 مئي 2023 ۾ عمر ايوب خان جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيو هو.

پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه ۽ اپوزيشن اتحاد جي اڳواڻ محمود خان اچکزئي کي پي ٽي آءِ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران اپوزيشن ليڊر لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.