February 17, 2026 8:38 AM

غزہ ۾ اسرائيلي فضائي حملا: حماس جي اڳواڻ سميت 12 فلسطيني شهيد

غزہ تي اسرائيلي فوج جي تازن فضائي حملن ۾ حماس جي هڪ اهم اڳواڻ سميت 12 فلسطيني حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا آهن.

الجزيره جي رپورٽ موجب گذريل هڪ ڏينهن دوران ٿيندڙ بمباري سبب 18 فلسطيني زخمي ٿيا، جڏهن ته شهيدن ۾ حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز جو هڪ سينيئر ڪمانڊر به شامل آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حملي ۾ مارجي ويلن مان هڪ محمد الحولي هو، جيڪو القسام بريگيڊز ۾ اهم ذميواريون نڀائي رهيو هو.

ٻئي پاسي حماس اسرائيلي ڪارروائين تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهي حملا جنگبندي معاهدي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهن. حماس جي بيان موجب اسرائيل معاهدي تي عمل ڪرڻ بدران ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد غزہ جي عوام خلاف ٻيهر جنگ مسلط ڪرڻ آهي.

ذريعن موجب جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به هاڻي تائين 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. اسرائيلي حملا غزہ جي اڌ کان وڌيڪ علائقن کي تباهيءَ جو شڪار بڻائي چڪا آهن، جنهن سبب ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ عارضي ڪئمپن يا کنڊرن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

غزہ جي صحت واري کاتي موجب آڪٽوبر 2023 کان شروع ٿيل اسرائيلي فوجي مهم دوران هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 71 هزار 455 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.